روشن تبسم

روشن تبسم

روشن تبسم

روشن تبسم: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ شاعر روشن تبسم جو جنم ٽنڊي ڄام جي مشهور ميمڻ خاندان ۾، 1960ع ڌاري ٿيو. هن مئٽرڪ مٽياريءَ مان ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
هن شاعريءَ جي شروعات عبرت مئگزن ۾ شعر لکي ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس رهنما ۽ استاد مشهور شاعر بلاول پرديسي هو. سندس ڪهاڻيون مضمون ۽ مقالا، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس شاعريءَ جا مجموعا: (1) ’رڻ گجيو راڙو ٿيو‘، (2) ’سپنا ۽ رابيل‘، (3) ’اکين ۾ ٿي ويهه‘ ۽ (4) ’مون ۾ آهين تون‘ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سوچن جي صليب تي‘ 1987ع ۾ شايع ٿيو. هوءَ انفارميشن آفيسر به رهي چڪي آهي.


لفظ روشن تبسمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو